واشنگٽن-09 آڪٽوبر (اي پي پي)آمريڪا ۾ چونڊن واري ڏينهن دهشتگرد حملي جي رٿابندي تي ??فغ??نستان سان تعلق رکندڙ هڪ شخص کي اوڪلاهوما رياست مان گرفتار ڪري ورتو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق آمريڪا جي انصاف واري کاتي ??فغ??نساتن جي ناصر احمد تو??يد?? نالي شهري تي فرد جرم لاڳو ڪندي چيو ته اهو شخص داعش جي نالي تي حملي جي رٿابندي ڪري رهيو هو . ناصر احمد تو??يد?? 2021ع ۾ خصوصي اميگرنٽ ويزه تي آمريڪا ۾ داخل ٿيو ۽ اوڪلاهوما شهر ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي. اسپيشل اميگرنٽ ويزا پروگرام تي هڪ سال جي عرصي ۾ 50 ماڻهو داخل ٿي چڪا آهن جيڪي ??فغ??نستان يا عراق ۾ آمريڪي فوج يا چيف آف مشن تحت ٽرانسليٽر طور ڪم ڪندا رهندا آهن. انصاف واري کاتي طرفان الزام ۾ اهو ناهي ٻڌايو ويو ته ناصر تو??يد?? ??فغ??نستان ۾ ٽرانسليٽر طور ڪم ڪري رهيو هو. ??فغ??ن شخص تي الزام لڳايو ويو آهي ته هن گادي واري شهر ڊي سي جي ڪيمرائن تائين رسائي حاصل ڪرڻ لاءِ آن لائن انفارميشن جي ڳولا ڪئي خاص طورتي انهن رياستن جي حوالي سان جتي هٿيارن لاءِ لائسنس جي ضرورت ناهي، لاڳاپيل شخص وائيٽ هائوس ۽ واشنگٽن مونيومينٽ جي ويب ڪيمرائن کي به آن لائن چيڪ ڪيو، ناصر تو??يد?? سان گڏ سندس ننڍي عمر جو هڪ ٻيو شخص پڻ ملوث آهي جنهن کي سومر ڏينهن آمريڪي جاچ اداري ايف بي آئي جي هڪ ڳجهي ايجنٽ کان ٻه رائفلز خريد ڪرڻ جي ارادي سان ٿيل ملاقات بعد گرفتار ڪيو ويو آهي. گرفتاري بعد ناصر تو??يد?? اعتراف ڪيو آهي ته هو آمريڪا ۾ اليڪشن واري ڏهاڙي هڪ وڏي ميڙ ۾ حملي جي رٿابندي ڪري رهيو هو.
آمريڪا ۾ چونڊن واري ڏينهن دهشتگرد حملي جي رٿابندي ڪرڻ تي افغان شهري گرفتار
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن