گڏيل قومون- 20 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن خبردار ڪيو آهي ته دنيا ۾ تيز رفتاري آبادياتي، موسمي??تي ۽ فني تبديلين سبب نوجوانن جو مستقبل مخدوش ٿي رهيو آهي، صورتحال برقرار رهي ته 2050ع تائين ان??ن جي مشڪلاتن ۾ وڌيڪ اضافو ٿ??ند??. اي ايف پي گڏيل قومن جي اداري اطفال يونيسيف جي سالياني رپورٽ جي حوالي سان ٻڌايو ته عالمي سطح تي ٿيندڙ آبادياتي، موسمي??تي ۽ فني تبديليون نوجوانن جي مستقبل لاءِ مشڪلاتن جو سبب بڻجي رهيون آهن. 2050ع تائين ان جي نتيجي ۾ ٻارن کي ماحولي??تي ۽ آن لائن سميت بيشمار بحرانن کي منهن ڏسڻو پوندو. يونيسيف جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر ڪيٿرين رسل هڪ بيان ۾ چيو ته موسمي??تي تبديلين کان وٺي آن لائن خطرن تائين جا بيشمار بحران درپيش آهن ۽ اهي ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ شدت اختيار ڪرڻ وارا آهن، اها صورتحال نوجوانن جي ترقي خاص طور تي ڇوڪرين لاءِ خطرناڪ آهي. رپورٽ ?? 2050 تائين ٽن وڏن رجحانن جي نشاندهي ڪئي وئي جيڪي غير متوقع سببن کانسواءِ ٻارن لاءِ خطرن جو سبب آهن. پهريون خطرو آبادي??تي تبديلي آهي جنهن ۾ ٻارن جو انگ 2.3 بلين جي موجوده انگ اکرن جي برابر رهڻ جو امڪان آهي. سمورن خطن ۾ ٻارن جو تناسب گهٽ ٿي و??ند?? پر ان??ن جو انگ غريب ترين علائقن ۾ خاص طور تي آفريق?? ۾ ??ڌندو.
تيز رفتار آبادياتي، موسمياتي ۽ فني تبديلين سبب نوجوانن جو مستقبل خطري ۾ آهي، 2050ع تائين انهن جون مشڪلاتون وڌيڪ وڌي وينديون: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج