مجوهي(آزاد ڪشمير) – 12 آگسٽ (??ي پي پي) وزيراعظم محمد ن??از شريف چيو آهي ته موجوده حڪومت بجلي جي سڀني منصوبن کي شيڊول مو??ب مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي ته جيئن ملڪ کي بجلي جي لوڊشيڊنگ کان ڇوٽڪارو حاصل ٿئي ۽ صنعتي پيداوار کي فروغ ملي، هن اها ڳالهه نيلم جهلم هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي دوري دوران ان ميگا منصوبي تي اڳڀرائي جي باري ۾ ڏنل بريفنگ جي موقعي تي چئي. ناڻ?? وارو وزير اسحاق ڊار، پاڻي ۽ بجل?? وارو وفاقي وزير خواجه آصف ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير پرويز رشيد به وزيراعظم سان گڏ هئا، وزيراعظم نيلم جهلم هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي ذاتي طور تي نگراني ڪري رهيو آهي جنهن سان 969 ميگاو??ٽ سستي پن بجلي حاصل ٿيندي ۽ ٿرمل پاور جي پيداوار تي ڀاڙڻ گهٽ ٿيندو
مضمون کا ماخذ : ریل رش