اسلام آباد – 24 مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته آئون پنهنجي عيد پي آءِ اي جي جهاز حادثي جي شهيدن، ڪورونا جي صورتحال ۾ روزي ڪمائڻ ??ي ڪوشش ڪندڙ سڀني غريبن، ڊاڪٽرن، نرسز، ڪورونا جي مريضن، ڀارتي ظلم برداشت ڪندڙ ڪشميرين، ڀارت ۾ اسلامو فوبيا کان متاثر مسلمانن، فلسطينين ۽ مسلمان پناهگيرن جي نالي وقف ڪريان ٿو، سمورن پاڪستانين کي اپيل آهي ته ??هي سماجي فاصلي تي عمل ڪن. گذريل ڏينهن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته منهنجي سمورن پاڪستانين بلڪه سمورن انسانن کي درخواست آهي ته ??هي سماجي فاصلن تي عمل ڪن، ماسڪ پائين، پنهنجا هٿ ڌوئين ته جيئن ??هي پاڻ ۽ پنهنجي پيارن ۽ دوستن کي ڪورونا کان محفوظ رکن.
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ