اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته هندوتوا نظريي جي ڪري ڀارتي معاشرو تباهي طرف گامزن آهي، غير قانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو آر ??يس ايس جي عيسيائين کي جبري طور تي مذهب تبديل ڪرڻ سميت، مسلمانن ۽ اقليتن جي خلاف پاليسين جي حمايت ۾ ڊگهي عرصي کان جاري قدم?? جو تسلسل آهي، گوجره واقعي ۽ بابري مسجد ۾ ڀارتي سپريم ڪورٽ انتهائي تعصباڻي انداز ۾ ڪم ڪيو، هندستان ۾ اقليتن کي انهن جي اعليٰ عدليه مان ڪا به اميد نه آهي، ان جي ابتڙ پاڪستان ۾ مذهبي تاريخي ماڳن کي ٻڌمت جي نموني طور تي محفوظ ڪيو و??و، پاڪستان متوازن پرڏيهي پاليسي تي عمل ڪري رهيو آهي جنه?? جو ڪنهن به طرف جهڪاءُ نه آهي. اهڙن خيال?? جو اظهار هن پي ٽي وي تي نشر ڪيل هڪ خصوصي انٽرويو ۾ ڪيو.
مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش