واشنگٽن-11 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ گذريل ڏينهن وڌيڪ چار آمريڪي ڪانگريس ميمبرن سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون، ان??ن ملاقاتن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سيڙپڪاري، واپار کي هٿي ڏيڻ جي امڪانن تي خ??الن جي ڏ?? وٺ ڪئي وئي. واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني طرفان جاري بيان موجب آمريڪي ڪانگريس جي ريپبلڪن ميمبر رچ ميڪ ڪارمڪ سان ملاقات ۾ پاڪستاني سفير پاڪ آمريڪا ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي خ??الن جي ڏ?? وٺ ڪئي. ان موقعي تي اقتصادي تعاون ۽ سيڪيورٽي تعاون جون راهون وڌائڻ تي ڌيان ڏنو ويو. ڪانگريس جي ڊيموڪريٽ ميمبر جيسمين ڪروڪٽ سان ملاقات ۾ سفير رضوان سعيد شيخ ٻطرفن لاڳاپن ۽ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ عوامي سطح تي رابطن تي خ??الن جي ڏ?? وٺ ڪئي. پاڪستاني سفير 2025ع ۾ ٽيڪساس جي هڪ واپاري وفد کي پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏني جنهن کي جيسمين ڪروڪٽ اصولي طور تي قبول ڪري ورتو. سفير رضوان سعيد شيخ ۽ ڪانگريس جي ريپبلڪن ميمبر ارل بڊي ڪارٽر سان ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي ڳالهين کانسواءِ اقتصادي ميدان ۾ رياست جارجيا سان تعاون جي امڪانن جو جائزو ورتو ويو، پاڪستاني سفير ريپبلڪن ميمبر نيل ڊن سان به ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن تي خ??الن جي ڏ?? وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ فلوريڊا سان واپار، سيڙپڪاري، آءِ ٽي ۽ زراعت تي تعاون کي وڌائڻ ت?? به خيالن ت?? به ڏ?? وٺ ڪئي وئي.
آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير جي واشنگٽن ۾ چار آمريڪي ڪانگريس ميمبرن سان ملاقاتون، سيڙپڪاري، واپار سميت گڏيل لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : کڑک