اسلام آباد – 13 اپريل (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ تعاون خطي ۾ امن ۽ استحڪام جو ضامن آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين جي انفارميشن آفيس آف دي اسٽيٽ ڪائونسل جي ڊائري??ٽر (منسٽر) جيانگ زيانگو سان ملاقات ۾ چئي جنهن ساڻس هڪ اعليٰ سطحي وفد سان گڏ ??لاقات ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مثالي دوستاڻا لاڳاپا آهن جيڪي وقت جي هر آزمائش تي ان لاءِ پورا لهن ٿا ڇو ته اهي لاڳاپا گڏيل اعتماد، گهري ڀا??يچاري، محبت ۽ عزت تي ٻڌل آهن. مملڪتي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام ڀا??يچاري ۽ هڪ ٻئي سان جذباتي وابست??ي جهڙن رشتن ۾ ڳنڍيل آهي.
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے