راولپنڊي – 09 آگسٽ (اي پي پي) اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته راولپنڊي جو فيصلو سڄي ملڪ جو فيصلو هوندو آهي ۽ راولپنڊي پنهنجو فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي، منهنجي خلاف سدائين سازشون ٿيون آهن ۽ هاڻي وري بنا ڪنهن سبب جي مون کي اقتدار تان لاٿو ويو آهي، عوام مون کي بحال نه ڪرائي پر ملڪ جي تقدير تبديل ڪرڻ لاءِ منهنجو ساٿ ڏي، جيستائين عوامي مينڊيٽ جي ع??ت نه ڪئي ويندي تيستائين ملڪ ترقي نه ڪندو. لاهور ويندي راولپنڊي ۾ عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته مون کي پنهنجي پٽ کان ??گه??ر نه وٺڻ تي نااهل ڪيو ويو آهي، ان کان اڳ ۾ مون کي هٽايو ويو ۽ جيل ۾ وڌو ويو. هن چيو ته مون کي اهو چيو ويو ته تو پنهنجي پٽ کان ??گه??ر ڇو نه ورتي ته اها منهنجي مرضي آهي ته آ??ون وٺان يا نه وٺن ۽ جڏهن مون ??گه??ر ناهي ورتي ته پوءِ ان کي گوشوارن ۾ ڇا لاءِ ظاهر ڪريان.
راولپنڊي جو فيصلو سڄي ملڪ جو فيصلو هوندو آهي: نواز شريف
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز