اسلام آباد – 28 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود ??ريشي چيو آهي ته هو گڏيل قومن ۾ توهين آميز خاڪن جو معاملو اٿاريندو، اهو اسان جي ايمان جو معاملو آهي، ڊچ پرڏيهي وزير سان اڄ ئي ڳالهه ٻولهه ٿيندي، کيس مسلمانن ??ي جذبن کان آگاهه ڪيو ويندو. سينيٽ ۾ سينيٽر بئريسٽر سيف پاران انٽرنيٽ تي رسول ڪريم صه جي خلاف اڻوڻندڙ ۽ توهين آميز مواد پوسٽ ڪرڻ بابت رٿ تي بح?? سهيڙيندي هن چيو ته ڪنهن به پاڪستاني کي ان تحريڪ سان اختلاف نه آهي.
مضمون کا ماخذ : راکی