اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس خميس ڏينهن اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ ڪابينا ڪميٽي توانائي واري وزارت جي ڊيزل ۽ پيٽرول جي در??مدات کي ??ور?? V معيار موجب ڪرڻ جي سفارشن جي منظوري ڏني وئي، انهن مصنوعات ۾ سلفر جي گهٽ مقدار جي ڪري فضائي آلودگي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي، ياد رهي ته پاڪستان ۾ ڪيترائي مي??اني علائقا سردين ۾ ڌنڌ (سموگ) جو شڪار رهندا آهن، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پيٽرو??يم ڊويزن ملڪ ۾ موجود تيل صاف ڪندڙ ڪارخانن سان ??ور?? V کي ملڪ ۾ لاڳو ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪندي، ڪابينا ڪميٽي فيصلو ڪيو ته پهرين آگسٽ 2020ع کان پوءِ آئل ڪمپنين کي صرف ??ور?? V پيٽرول در??مد ڪرڻ جي اجازت هوندي، ڪابينا ڪميٽي جي فيصلي موجب جنوري 2021ع کان صرف ??ور?? V ڊيزل در??مد ڪرڻ جي اجازت هوندي ان سلسلي ۾ لاڳاپيل ادارا تفصيلي پلان تيار ڪندا.
وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی حکمت عملی