اسلام آب??د ?? 22 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي م??ڪ جي تعليمي نظام کي جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته مستقبل انفارميشن ??يڪ??الاجي ۽ مصنوعي ذهانت جهڙن جديد سائنسي شعبن ۾ ترقي سان لاڳاپيل آهي، تعليمي ادارن ۽ صنعت جي وچ ۾ بهتر رابطن سان نه رڳو نوجوانن کي م??زون روزگار جا موقعا ميسر ايندا پر ان سان صنعت جي ترقي جا امڪان به پيدا ٿيندا. هو نيشنل يونيورسٽي آف ??يڪ??الاجي ۾ بي ايس انجنيئرنگ ??يڪ??الاجي جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان تقريب ۾ سائنس ۽ ??يڪ??الاجي وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، هائير ايجوڪيشن ڪميشن جو چيئرمين ڊاڪٽر طارق بنوي، ريڪٽر نيشنل يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ??يڪ??الاجي ليفٽيننٽ جنرل (ر) خالد اصغر سميت يونيورسٽي جي انتظاميه ۽ فيڪلٽي م??مبرن کانسواءِ شاگرد به شريڪ هئا. صدر يونيورسٽي پاران بي ايس انجنيئرنگ ??يڪ??الاجي جي آغاز جي آجيان ڪندي ان کي م??ڪ جي مستقبل جي ضرورتن جي حوالي سان اهم قدم قرار ڏنو. هن چيو ته اسان جي م??ڪ ۾ تعليم يافته نوجوانن کي نوڪريون حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچڻ جو وڏو سبب اهو رهيو آهي ته روايتي تعليم جديد دور جي گهرجن ۽ خاص طور تي صنعت جي ضرورتن سان هم آهنگ نه آهي، اسان کي ان مسئلي جي حل لاءِ اڪيڊمين ۽ صنعت کي ڳنڍڻ جي ضرورت آهي.
ملڪ جي تعليمي نظام کي جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ بڻائڻ جي ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز