ڪراچي – 13 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته مالي ادارن کي وڌيڪ مستحڪم ۽ جديد گهرجن موجب هم آهنگ ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، اسان کي پنهنجون مالي پاليسيون نئين رجحانن کي نظر ۾ رکي جوڙڻيون پونديون، حڪومت جي بهتر پاليسين جي ڪري ملڪي معيشت مضبوطي طرف گامزن آهي، وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس دوران بهترين پاليسي اختيار ڪئي، دنيا ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون جي پاليسي متعارف ڪرائي، ملڪي ترقي جي لاءِ عورتن کي قومي دائري ۾ شامل ڪر?? جي ضرورت آهي. ڪراچي ۾ مصنوعي ذهانت سان مالي ڏوهن جي خاتمي بابت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته ??رينڊ پاڪستان کي عالمي سطح تي فروغ ڏي?? جي ضرورت آهي، اسان کي تڪرارن کان ٻاهر نڪرڻو پوندو، ٽيڪسٽائيل جي شعبي ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿيا آهن، پاڪستان هن وقت ترقي جي دروازي تي تمام جلد پاڪستان سٺا ڏينهن ڏسندو. هن چيو ته هيٺئين سطح تي مهانگائي تي ضابطو آڻ?? جي لاءِ قدم جاري آهن، حڪومت جي بهترين پاليسين جي ڪري ملڪي معيشت مضبوطي طرف گامزن آهي، ڪورونا وائرس جي وبا دوران معاشري جي ڪمزور طبقي کي مالي مدد فراهم ڪئي وئي، صنعتن جي لاءِ به خصوصي پئڪيج متعارف ڪرايا ويا. صدر چيو ته ??ورتن جي لاءِ روزگار جا وڌيڪ موقعا پيدا ڪر?? جي ضرورت آهي. هن چيو ته ??المي سطح تي پاڪستان جي خلاف پروپئگنڊه ڪئي وئي، اولهه مفاد ۾ ايسٽ مور جي تڪرار تي جدا ۽ ڪشمير جي مسئلي تي جدا پاليسي اختيار ڪئي وئي.
مالي ادارن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada