ڪراچي – 18 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان بيت المال جي ??هميت ۽ ڪارڪردگي اجاگر ڪرڻ تي زور ڏنو آهي ته جيئن وڌ کان وڌ غريب ۽ مستحق ماڻهو ان مان فائدو حاصل ڪري سگهن، ان سلسلي ۾ عوامي آگاهي ل??ءِ خصوصي پروگرام جوڙڻ جي ??رورت آهي ڇو ته آبادي جو وڏو حصو بيت المال جي ??دمتن بابت آگاهه نه آهي. اها ڳالهه هن مينيجنگ ڊائريڪٽر پاڪستان بيت المال ملڪ ظهير عباس کوکر جي قيادت ۾ گورنر هائوس ۾ ملاقات لاءِ آيل وفد سان ڳالهائيندي چئي. وفد ۾ ڊاڪٽر عدنان مجيد ۽ ٻيا به شامل هئا. صدر چيو ته عام طور تي اهو تاثر ڏٺو ويندو آهي ته 18 هين ترميم کانپوءِ بيت المال جا فنڊز غريب ماڻهن جي ??لاج لاءِ استعمال نٿا ڪري سگهجن، هن چيو ته ان غلط فهمي کي ختم ڪرڻ گهرجي ??ه جيئن بيت المال جي فنڊن مان مستحقن کي مفت طبي سهولتون فراهم ڪري سگهجن.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار