اسلام آباد – 19 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان واضح ڪيو آهي ته پاڪستان ??فغ??نستان مان آمريڪي خوج جي نڪرڻ کانپوءِ س??حد پار دهشتگردي جي خاتمي جي ڪاررواين جي لاءِ آمريڪا کي پنهنجي سرزمين استعمال ڪرڻ جي هرگز اجازت نه ڏيندو. اها ڳالهه هن آمريڪي ٽيليويزن کي هڪ انٽرويو ۾ چئي جيڪو اڄ آچر ڏينهن شام 6 وڳي نشر ڪيو ??ين??و. وزيراعظم عمران خان کان ”ايگزياس آن ايڇ بي او“ ۾ جوناٿن سوان سوال ڪيو ته ڇا توهان آمريڪي حڪومت جي القاعده، آءِ ايس آءِ ايس يا طالبان جي خلاف س??حد پار دهشتگردي جي خاتمي جي ڪاررواين جي لاءِ پاڪستان ۾ سي آءِ اي جي موجو??گي جي اجازت ڏيندا؟ جنهن تي وزيراعظم عمران خان چيو ته بلڪل نه، اسان پاڪستاني سرزمين تان ??فغ??نستان ۾ ڪنهن به قسم جي ڪارروائي يا اڏا ڏيڻ جي هرگز اجازت نه ڏينداسين. انٽرويو ڪندڙ حيران ٿي پنهنجو سوال ورجايو ۽ پڇيو ته ڇا توهان اها ڳالهه سنجي??گي سان چئي رهيا آهيو جنهن تي وزيراعظم واضح ڪري ڇڏيو ته پاڪستان قطعي طور ان جي اجازت نه ڏيندو.
پاڪستان آمريڪا کي پنهنجي سرزمين استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے نتائج