اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) ??وم?? اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري محسن پاڪستان ۽ ناليواري ائٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان جو لاڏاڻو ملڪ ۽ قوم جي لاءِ ناقابل تلافي نقصان آهي، جنهن کي ڪڏهن به پورو نه ٿو ڪري سگهجي. ??وم?? اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري تعزيتي پيغام ۾ اسپيڪر اسد قيصر چيو ته پاڪستان جي دفاع کي فتح نه ٿي?? جوڳو بڻائيندڙ ??وم?? هيرو جي لاڏاڻي تي پوري قوم سوڳوار آهي. هن چيو ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي قوم سدائين ??وم?? هيرو طور ??اد رکندي. ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي لاڏاڻي تي پنهنجي تعزيتي پيغامن ۾ اسپي??ر ۽ ڊپٽي اسپيڪر چيو ته قوم ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي ملڪ جي لاءِ خدمتن ۽ احسانن کي ڪڏهن به وساري نه سگهندي. هنن چيو ته پاڪستان کي دنيا جو ستون ۽ اسلامي دنيا جو پهريون ائٽمي ملڪ بڻائڻ ۾ ڊاڪٽر عبدالقدير خان جو ڪردار اهميت رکندڙ آهي، قوم محسن پاڪستان ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي احسانن جي سدائين مقروض رهندي. اسپي??ر ۽ ڊپٽي اسپيڪر وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان جو لاڏاڻو ملڪ ۽ قوم ۽ سندس گهرڀاتين جي لاءِ ناقابل تلافي نقصان آهي. هنن چيو ته ڏک جي هن مشڪل گهڙيءَ ۾ سوڳوار خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. ??وم?? اسيمبلي جي اسپي??ر ۽ ڊپٽي اسپيڪر الله تعاليٰ کان مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ پوري قوم سميت سوڳوار خاندان کي ان عظيم صدمي کي برداشت ڪرڻ جي لاءِ صبر جميل عطا فرمائڻ جي پڻ دعا ڪئي.
اسد قيصر ۽ قاسم خان سوري پاران ائٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada