اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان جي فوري مدد نه ڪئي وئي ته انساني بحران وڌيڪ وڌي سگهي ٿو، معاشي تباهي جا اثر پاڙيسري ملڪن تي پوندا، 20 سالن جي ڊگهي جنگ به افغان تڪرار جو حل نه ڪڍي سگهي، افغانستان ۾ ا??ن پاڪستان، خطي ۽ دنيا جي مفاد ۾ آهي، اسلامي تعاون تنظيم، او آءِ سي ڪانفرنس جو مقصد افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ ترقي لاءِ رستو هموار ڪرڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار پرڏيهي وزارت ۾ ا?? آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس جي ارادن ۽ مقصدن جي حوالي سان، مقامي ۽ عالمي ميڊيا نمائندن کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. پرڏيهي وزير چ??و ته افغانستان هن وقت خطرناڪ معاشي ۽ انساني بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي. شاهه محمود قريشي ا??غان صورتحال جي حوالي سان چ??و ته پاڪستان کي ا??غانستان جو ويجهي پاڙيسري هجڻ جي ناطي ا?? صورتحال تي گهري ڳڻتي آهي. اسان پنهنجي ا??تصادي ترجيحن تي ڌيان ڏنو آهي، تنهن هوندي به اسان اقتصادي ترجيحن کي عملي جامو پارائڻ لاءِ پرامن افغانستان اسان جي مفاد ۾ آهي، هن چ??و ته افغانستان 38 ملين ماڻهن تي مشتمل ملڪ آهي. سردي جي شدت ۾ به اضافو ٿيندو رهيو آهي، يو اين ڊي پي موجب جيڪڏهن افغانستان جي صورتحال تي فوري ڌيان نه ڏنو و??و ته 2022ع جي وچ ڌاري 97 سيڪڙو افغان غربت جي سطح کان هيٺ هليا ويندا، ورلڊ فوڊ پروگرام موجب افغانستان ۾ صرف 5 سيڪڙو افغانين کي مناسب خوراڪ دستياب آهي، هن چ??و ته 11 اهم آمريڪي شخصيتن جن ۾ اڳوڻا سفير ۽ ڪمانڊر شامل آهن هنن گڏيل طور تي بائيڊن انتظاميه کان مطالبو ڪيو آهي ته افغانستان کي ا??ساني ا??ميي کان بچائڻ لاءِ کين اڪليو نه ڇڏيو وڃي، هي ا??و ئي موقف آهي جنهن طرف پاڪستان عالمي ??را??ري کي ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ڪوششون جاري رکيون آهن، پرڏيهي وزير چ??و ته جيڪڏهن افغانستان جي صورتحال تي فوري ضابطو نه آندو و??و ته گذريل 20 سالن ۾ ا??ن ۽ استحڪام لاءِ ڪيل ڪوششون مٽي ۾ ملي وينديون ۽ دهشتگرد گروهن کي وڌڻ ويجهڻ جو موقعو ملندو. اسان عالمي ??را??ري کي ا??و باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته افغانستان ۾ 40 سالن کانپوءِ قيام امن جي ا??يد پيدا ٿي آهي ا?? موقعي کي ضايع نه ٿيڻ گهرجي. شاهه محمود قريشي چ??و ته پاڪستان ويجهي پاڙيسري هجڻ جي ناطي ا?? انساني ا??ميي کان بچاءُ لاءِ مسلسل آواز اٿاري رهيو آهي، هن چ??و ته ڪاسا 1000، ٽرانس نيشنل ريلوي نيٽ ورڪ ۽ ٻين علائقائي نوعيت جي منصوبن جي تڪميل لاءِ افغانستان جو امن اڻٽر آهي، مون نيويارڪ ۾ سيڪريٽري آف اسٽيٽ، بلنڪن کي ا??غانستان جي ابتڙ صورتحال کان آگاهه ڪندي عالمي ??را??ري پاران فوري ڌيان ۽ مدد جي ضرورت تي زور ڏنو، پرڏيهي وزير چ??و ته اڄ دنيا اسان جي آواز تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ افغانستان جي مدد لاءِ آمادگي جو اظهار ڪري رهي آهي، عالمي ??را??ري جي ا??غانستان سان ڪجهه اميدون وابسته آهن جڏهن ته مون ڪابل جي دوري دوران طالبان عبوري قيادت کي ا??هن اميدن کان آگاهه ڪيو. انهن اميدن ۾ ا??غانستان ۾ بنيادي ا??ساني حقن خاص طور تي عورتن جي حقن جي پاسداري، دهشتگردي جي خاتمي جي خاطري، اجتماعيت جي حامل حڪومت سازي جهڙا نڪتا شامل آهن. شاهه محمود قريشي چ??و ته اسان افغان قيادت تي زور ڏنو ته عالمي ??را??ري جي ا??يدن تي پورو لهڻ انهن جي مفادن ۾ آهي، ٻي طرف اسان عالمي ??را??ري تي زور ڏنو ته ماضي جي غلطين کي نه ورجايو وڃي، پرڏيهي وزير چ??و ته افغانستان جي صورتحال تي ڏينهون ڏينهن سنگين ٿيندي پئي وڃي جيڪو عالمي ??را??ري پاران فوري ڌيان ۽ مدد جي گهرجائو آهي. افغانستان ۾ بئنڪنگ سسٽم جي عدم دستيابي جي ڪري، افغانستن جي ٻاهر ويٺل ماڻهو، خواهش جي باوجود افغانستان ۾ پنهنجي پيارن جي ڪا به مدد نٿا ڪري سگهن. اڄ عالمي ??را??ري ا??سانيمدد لاءِ افغانستان سان انگيجمينٽ لاءِ آماده آهي، پرڏيهي وزير چ??و ته مدد جي فوري ضرورت کي نظر ۾ رکندي ا?? آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو غير معمولي اجلاس جيڪو هنگامي طور تي منعقد ٿي رهيو آهي، پرڏيهي وزير واضح ڪ??و ته پاڪستان افغانستان جي جيتري ٿي سگهي مدد ڪئي آهي پر اها ذميداري پاڪستان اڪيلو ادا نٿو ڪري سگهي. اسان کي ا??يد آهي ته ان او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي غير معمولي اجلاس جي ذريعي اسان عالمي ??را??ري کي اصل صورتحال کان آگاهي ڏيارڻ ۽ لکين افغان شهرين جي ا??ساني بنيادن تي فوري ا??داد لاءِ لائحه عمل جي جوڙجڪ لاءِ اڳتي وڌي سگهون. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انساني بنيادن تي لکين افغان شهرين کي ا??ساني بحران کان بچائڻ لاءِ، اڳتي وڌيو وڃي. شاهه محمود قريشي چ??و ته افغانستان جي فوري مدد نه ڪئي وئي ته انساني بحران وڌيڪ وڌي سگهي ٿو. افغانستان جي صورتحال سان يورپي ملڪن چڱي ريت آگاهه آهن، افغانستان ۾ ا??ن خطي ۽ دنيا جي مفاد ۾ آهي، ٿورڙي به غفلت پوري خطي کي متاثر ڪري سگهي ٿي. پاڪستان، افغانستان بابت جيڪو به ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو ڪري رهيو آهي، شاهه محمود قريشي چ??و ته افغانستان، او آءِ سي جو بنيادي ميمبر ملڪ آهي کين اڪيلو نٿو ڇڏي سگهي، پاڪستان افغانستان جي ا??ساني بنيادن تي مدد ڪري رهيو آهي.
افغانستان جي فوري مدد نه ڪئي وئي ته انساني بحران وڌيڪ وڌي سگهي ٿو: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن