اسلام آباد – 06 فيبروري (اي پي پي) پا??ستان ۽ چين واپار، انفراسٽرڪچر، صنعتي شعبن ۾ ترقي، جديد زراعت، سائنسي ۽ فني تعاون ۽ مقامي ماڻهن جي سماجي ۽ اقتصادي ڀلائي سميت سمورن شعبن ۾ تعاون کي مستحڪم بڻائڻ جي ل??ءِ سي پيڪ جي گڏيل ڪوآپريشن ڪميٽي (جي سي سي) کي ٽاسڪ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان جي چئن ڏينهن جي چين جي دوري جي پڄاڻي تي گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو ويو. پڌرنامي موجب صحت، ماحوليات ۽ آءِ سي ٽي جي شعبن ۾ و??جه?? ٻطرفي تعاون کي نوٽ ڪندي ٻنهي اڳواڻن پا?? چين صحت، صنعت، واپار، گرين ۽ ڊيجيٽل ڪوريدورز جاري ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. پا?? چين قيادت ملاقاتن دوران علائقائي صورتحال ۽ عالمي سياست سميت ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقاتن ۾ روايتي گرمجوشي، اسٽريٽجڪ گڏيل اعتماد ۽ نظرين جي هڪ جهڙائي ڏٺي وئي. وزيراعظم عمران خان چين جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ صدر شي جن پنگ جي قيادت ۾ چيني ڪميونسٽ پارٽي جي ڪردار ۽ پائيدار پا?? چين حصيداري کي فروغ ڏيڻ ۾ صدر شي جن پنگ جي ذاتي ڪوششن کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه کي ورجايو ته ويجها اسٽريٽجڪ لاڳاپا ۽ پا??ستان ۽ چين جي وچ ۾ گهري دوستي وقت جي هر آزمائش تي پو??ي لٿي آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پا?? چين لاڳاپا اسان جي پرڏيهي پاليسي جو سنگ ميل آهن ۽ چين سان و??جه?? دوستي کي پا??ستاني عوام جي مستقل حمايت حاصل آهي. ڌرين هڪ ٻئي جي بنيادي مفادن بابت معاملن تي حمايت کي ورجايو. پا??ستان ون چائنا پاليسي جي ل??ءِ پنهنجي وابستگي ۽ حمايت جو اظهار ڪيو ۽ تائيوان، ڏکڻ بحيره چين، هانگ ڪانگ، سنڪيانگ ۽ تبت جي معاملي تي چين جي ل??ءِ پنهنجي حمايت جڏهن ته چين پا??ستان جي خودمختياري، آزادي ۽ سلامتي جي تحفظ ۽ پا??ستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي کي فروغ ڏيڻ جي عزم کي ورجايو. ٻنهي ڌرين سي پيڪ جي اهم ٿنڀ ۽ علائقائي رابطن ۾ اهم عنصر جي حيثيت سان گوادر جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ڌرين گوادر پورٽ جي تعمير، آپريشن ۾ تيزي آڻڻ ۽ گوادر کي گهٽ ڪاربن سرڪلر انڊسٽري زون بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. هنن گوادر شهر ۽ ان جي رهواسين جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي اعليٰ معيار جي ذريعي ذريعه معاش جا منصوبا ٺاهڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ڌرين سي پيڪ کي سمورن خطرن ۽ منفي پروپئگنڊه کان محفوظ رکڻ جي پنهنجي مضبوط عزم جو اظهار ڪيو. پا??ستان سموري چيني عملي، منصوبن ۽ ادارن جي حفاظت جي ل??ءِ هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ جي عزم کي ورجايو جڏهن ته چيني ڌر ان سلسلي ۾ قدم کڻڻ تي پا??ستان کي ساراهيو. چين دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پا??ستان جي قربانين ۽ ڪوششن کي تسليم ڪيو جڏهن ته ڌرين هر قسم جي دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ پنهنجي عزم کي ورجايو. افغانستان جي حوالي سان ٻنهي ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته هڪ پرامن، مستحڪم، متحد ۽ محفوظ افغانستان خطي ۾ خوشحالي ۽ ترقي جي ل??ءِ بنيادي حيثيت رکي ٿو. ٻنهي ڌرين اقتصادي ۽ فني، صنعت، سيڙپڪاري، انفراسٽرڪچر، خلا، ويڪسين، ڊيجيٽلائيزيشن، ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ، ثقافت، راندين ۽ پيشيواراڻي تعليم سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون معاهدن/ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون.
وزيراعظم عمران خان جي چين جي دوري جي پڄاڻي تي گڏيل پڌرنامو جاري
مضمون کا ماخذ : loteria estadual