اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ب??اول قوم کي ٻڌائي ته ب??نظير جون حڪومتون ختم ڪرڻ وارا ڪير ماڻهو آهن، جڏهن چوريون گڏيل هجن ته پوءِ پنهنجا سمورا اختلاف پٺتي رهجي وڃن ٿا، بينظير ۽ زرداري تي ڪيس عمران خان نه ٺاهيا پر اهي ڪيس ٺاهيندڙ نواز ۽ شهباز ئي هئا. بلاول ڀٽو زرداري جي خطاب تي پنهنجي ردعمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته علي بابا 40 چور، رستن تي گهيلڻ، پيٽ ڦاڙي ڦريل رقم ڪڍڻ جي دعويٰ ڪندڙ شهباز شريف اڄ ڪٿي بيٺل آهي؟ ه?? چيو ته پيپلزپارتي سدائين نوڪريون وڪرو ڪ??ون، ميرٽ تي پورو لهڻ جي باوجود نذراني کانسواءِ ڀرتيون نه ٿينديون هيون. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پيپلزپارٽي ئي اسٽوڊنٽ يونين ۾ غنڊه گردي، قتلام ۽ بدمعاشي جو ڪ??چر متعارف ڪرايو. روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان جو نعرو هاڻي هڪ مذاق بڻجي چڪو آهي، ڪنهن به حڪومت ۾ پيپلزپارٽي ان تي عمل نه ڪيو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اڄ نوجوانن ۾ بيهي بلاول صاف ڪوڙو ڳالهايو ته سنڌ ۾ مفت علاج ٿي رهيو آهي، اڄ به جيڪڏهن س??ڌ جي علائقي ٿرپارڪر ۾ مفت علاج آهي ته اهو رڳو صحت انصاف ڪارڊ جي ذريعي ئي ٿي رهيو آهي، سنڌ حڪومت جيڪڏهن س??ڌ جي عوام سان وفاداري ڪرڻ چاهي ٿي ته صحت انصاف ڪارڊ پروگرام جي پوئيواري ڪري. هن چيو ته ب??اول ٻڌائي ته ساڍا 13 سالن ۾ سنڌ ۾ ڪيتريون يونيورسٽيون، اسڪول ۽ ڪاليجز کوليا آهن، اصل حقيقت اها آهي ته ب??اول جهڙا وڏيرا پاڻ ته علاج ۽ پڙهائي جي لاءِ ٻاهرئين مل?? وڃن ٿا انهي لاءِ تعليم ۽ صحت تي ڪم نه ڪري رهيا آهن.
بلاول قوم کي ٻڌائي ته بينظير جون حڪومتون ختم ڪرڻ وارا ڪير ماڻهو آهن: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی قیمت