اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عورتن کي مالي ۽ ڊيجيٽل طور تي بااختيار بڻائڻ کانسواءِ قومي ترقي ممڪن نه آهي، ڇوڪريون ۽ عورتون قائداڻي صلاحيتن جو مظاهرو ڪندي اسلام ۽ آئين جي ذريعي فراهم ڪيل پنهنجا حق حاصل ڪرڻ جي لا??ِ فعال شرڪت جي ذريعي جدوجهد ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ ڪامياب جوان پروگرام پاران منعقد ڪامياب عورت تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اولهه ۾ 1920ع تائين عورتن کي مردن جي ملڪيت سمجهيو ويندو هو پر اسلام اٽڪل 1400 سال اڳ عورتن جي وراثتي حقن ??ي ضمانت ڏني هئي. ڀائرن پاران پنهنجي ڀينرن جي وراثت تحفي جي نالي تي حاصل ڪرڻ جي رجحان تي تنقيد ڪند?? ص??ر چيو ته عورتون هاڻي محتسب جي آفيس يا عدالتن سان رجوع ڪري سگهن ٿيون ڇو ته حڪومت انهن جي وراثتي حقن ??ي تحفظ جي لا??ِ ضروري قانونسازي ڪئي آهي. هن چيو ته فعال شرڪت جي ذريعي عورتن کي پنهنجي حقن ??ي تحفظ جي لا??ِ جدوجهد ڪرڻي پوندي، تعليم يافته عورتن کي به گهرجي ته اهي اڻپڙهيل عورتن کي پنهنجي حقن ??ي تحفظ جي دستياب موقعن ۽ علاج جي لا??ِ رهنمائي ڪن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي عورتن تي زور ڏنو ته اهي بئنڪ وڃڻ کانسواءِ موبائيل ايپليڪيشن ذريعي آن لا??ين بئنڪ اڪائونٽ کولڻ جي سهولت مان فائدو کڻن ڇو ته انهن کي ان سان مالي طور تي بااختيار بڻائڻ ۾ مدد ملندي. ميانوالي ۾ پنهنجي ئي والد جي هٿان هڪ هفتي جي ٻارڙي جي قتل کي هڪ ”شرمناڪ واقعو“ قرار ڏيند?? ص??ر عورتن کي مشورو ڏنو ته اهي پنهنجي ٻارن جي اخلاقي تربيت تي ڌيان ڏين ته جيئن انهن ۾ عورتن جي حقن ??ي حوالي سان شعور اجاگر ٿئي. هن خاص طور تي عورتن ج?? ص??ت تي خاص ڌيان ??يڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته عورتن جو سماجي تحفظ به ايترو ئي ضروري آهي جڏهن اهي پنهنجي گهر کان ٻاهر نڪرن ته انهن کي تحفظ جو احساس ٿئي. هن عورتن کي هنرمند بڻائڻ جي لا??ِ حڪومت جي قدمن جو ذڪر ڪندي چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻندي عورتون پنهنجي گهر ۾ رهي ڪاميابي سان پنهنجو ڪاروبار هلائي سگهن ٿيون. هن چيو ته ميٽا (پهرين فيس بڪ) کي هن سال 100000 عورتن کي هنرمندي جي تربيت ??يڻ جو هدف ڏنو ويو هو ته جيئن انهن کي اشتهارن ۽ ٻيون لاڳاپيل مهارتون فراهم ڪيون وڃن جيڪي اي ڪامرس ٽولز تي مصنوعات جي تشهير جي لا??ِ گهربل آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءَ شرڪت ڪندڙن کي عورتن جي حقن ??ي لا??ِ پنهنجي مسلسل ڪردار جو يقين ڏياريو ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ حقن ??ي تحفظ جي لا??ِ انهن سان گڏ بيهڻ جي عزم کي ورجايو. موسمياتي تبديلي واري مملڪتي وزير زرتاج گل پاڪستان سان گڏوگڏ ڀارت جي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ عورتن جي تاريخي ڪردار ۽ قربانين تي روشني وڌي. تقريب دوران صدر ڊاڪٽر عارف علوي عورتن کي عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان ڪيڪ ڪاٽيو جڏهن ته ڪامياب جوان پروگرام، احساس پروگرام ۽ نئون پاڪستان هائوسنگ پروگرام مان فائدو کڻندڙن ۾ چيڪس، سرٽيفڪيٽس ۽ گهرن جون چاٻيون ورهايون ويون.
عورتن کي مالي ۽ ڊيجيٽل طور تي بااختيار بڻائڻ کانسواءِ قومي ترقي ممڪن نه آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا