پشاور- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) توانائي واري وفا??ي وزير خرم دستگير خان چيو آهي ته ??وڏ متاثر علائقن ۾ بجلي بحالي ۽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. پيسڪو عملدارن سان ڪي پي ڪي ۾ ??وڏ متاثر بجلي جي نظام جي بحاليءَ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي هن چيو ته وزيراعظم جي هدايتن تي ??وڏ سبب بجلي انفراسٽرڪچر کي پهتل نقصان جو ??اٿو لڳائڻ لاءِ هتي دؤرو ڪري رهيو آهيان. اجلاس ۾ پيسڪو چيف محمد جباز خان، چيف ايگزيڪيوٽو، پيسڪو عملدارن کانسواءِ لوئر دير ضلعي مان صوبائي اسيمبلي ميمبر به موجود هئا. پيسڪو عملدارن وفا??ي وزير کي ٻُڌايو ته پشاور سرڪل ۾ 4 فيڊرز متاثر ٿيا، جنهن جي بحاليءَ جو ??م جاري آهي، جڏهن ته ترناب، ابزئي ۽ـ گل بيله 2-1 مڪمل طور تي فعال آهي، پيسڪو عملدارن ٻُڌايو ته صوبي ۾ سوات سرڪل سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو جتي 3 گرڊ اسٽيشن مدين، مٽه ۽ منڊا کي ڪافي نقصان پهتو آهي جنهن سان بجلي جي رسد بند آهي. پيسڪو عملدار مطابق انهن گرڊز جي بحاليءَ جو ??م جاري آهي ۽ 12 سيپٽمب تائين مڪمل ڪيو ويندو. پيسڪو عملدارن وفا??ي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻُڌايو ته نوشهره ۽ـ چارسده ضلعي ۾ متاثر فيڊرز ۽ ٽرانسميشن لائنز جي بحاليءَ جو ??م تيزيءَ سان جاري آهي. وفا??ي وزير پيسڪو عملدارن کي هدايتون ڏيندي چيو ته صوبي ۾ بجلي جي نظام جي بحاليءَ کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ ??زا??ت طرفان بحالي آپريشن جي نگرانيءَ لاءِ جوائنٽ سيڪريٽري عالم زيب کي مقرر ڪيو ويو آهي.
ٻوڏ متاثر علائقن ۾ بجلي بحالي ۽ـ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي: خرم دستگير خان
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر