اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز ش??يف سمُورا قيمتي غيرملڪي تحفا ذاتي استعمال ۾ آڻڻ بدران توشه خانه ۾ جم?? ڪرائڻ جي منفرد روايت ۽ مثال قائم ڪندي هدايت ڪئي آهي ته اهي تحفا مستقل طور تي وزيراعظم هائوس ۾ رکيا وڃن ته ج??ئن عوام دوست ملڪن جي پاڪستان سان محبت کان آگا??ه ٿئي، ان مقصد جي لاءِ وزيراعظم هائوس ۾ جڳهه رکي وڃي. سرڪاري ذريعن موجب وزيراعظم شهباز ش??يف پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ منفرد مثال ۽ وزيراعظم هائوس ۾ هڪ نئين روايت قائم ڪئي آهي ۽ هدايت ڪئي آهي ته وزيراعظم کي ملندڙ غيرملڪي تحفا مستقل طور تي وزيراعظم هائوس ۾ رکيا وڃن. وزيراعظم شهباز ش??يف هدايت ڪئي ته غيرملڪي تحفا عوام کي ڏيکارڻ جو اهتمام ڪيو وڃي ته ج??ئن عوام دوست ملڪن جي پاڪستان سان محبت کان آگا??ه ٿئي. وزيراعظم شهباز ش??يف جي هدايت تي وزيراعظم هائوس ۾ جڳهه رکي وئي آهي. سرڪاري ذريعن موجب وزيراعظم ٻاهرئين ملڪ کان ملندڙ تحفا سرڪاري خزاني ۾ جم?? ڪرائي ڇڏيا آهن. توشه خانه ۾ جم?? ڪرايل تحفن جي ماليت 27 ڪروڙ رپيا آهي. وزيراعظم کي اهي قيمتي تحفا نار ملڪن جي دورن دوران مليا هئا. تحفن ۾ هيرن سان ٺهيل ٻه قيمتي گهڙيون به شامل آهن. هڪ گهڙيءَ جي ماليت 10 ڪروڙ ۽ ٻي جي قيمت 17 ڪروڙ ٻڌائي وئي آهي. سرڪاري ذريعن موجب نار رياستن پاران وزيراعظم شهباز ش??يف کي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مهانگا تحفا ڏنا ويا جڏهن ته وزيراعظم گهڙيون، قيمتي قلم، مُنڊي، ڪف لنڪ (بٽڻ) ۽ خوشبو سميت سمورا وڏي قيمت وارا تحفا توشه خانه ۾ جم?? ڪرائي ڇڏيا آهن. ذريعن موجب شهباز ش??يف پنجاب جي وڏي وزير طور پنهنجي 10 سالا دور ۾ ملندڙ سمورا غيرملڪي تحفا توشه خانه ۾ جم?? ڪرائيندو رهيو آهي.
وزيراعظم پاران قيمتي غيرملڪي تحفا ذاتي استعمال ۾ آڻڻ بدران توشه خانه ۾ جمع ڪرائڻ جي منفرد روايت ۽ مثال قائم، تحفا مستقل طور تي وزيراعظم هائوس ۾ رکيا ويندا
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ