سرينگر-27 آڪٽوبر (اي پي پي) ڀا??ت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀا??تي فوجين گذريل 75 سالن ۾ 4 لک کان وڌيڪ ڪشميرين کي شهيد ڪيو، ڪشمير ميڊيا سروس طرفان ڪالهه 27 آڪٽوبر تي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 27 آڪٽوبر 1947ع کان ڀا??ت غير قانوني قبضي سان 35 لک کان وڌيڪ ڪشميري آزاد ڄمون ڪشمير، پاڪستان ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ هجرت تي مجبور ٿيا، رپورٽ ۾ چيو ويو ته ڀا??تي فوجين جنوري 1989ع کان 27 آڪٽوبر 2022ع تائين 96 هزار 140 ڪشميري شهيد ڪيا، جنهن ۾ 7 هزار 265 ڪشميرين کي حراست دوران وحشياڻي تشدد ۽ جعلي مقابلن ۾ شهيد ڪيو ويو. ڀا??تي فوجين ان عرصي دروان هڪ لک 65 هزار 293 ڪشميرين کي گرفتار ڪيو، هڪ لک 10 هزار 495 گهر ڊاهي پٽ ڪيا ۽ عمارتن کي تباهه ڪيو، ڀا??تي رياستي دهشتگردي جي نتيجي ۾ 22 هزار 951 عورتون بيوا??ه ٿيون، جڏهن ته هڪ لک 7هزار 883 ٻار يتيم ٿيا، ڀا??تي فوجين جنوري 1989ع کان هن وقت تائين 11 هزار 256 عورتن کي بي حرمتي جو نشانو بڻايو، رپورٽ ۾ سرينگر ۾ قائم هڪ ريسرچ جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ويو ته والاريل ڪشمير ۾ مقرر ڀا??تي فوجين جو انگ 15 لک هڪ هزار جي لڳ ڀڳ آهي، ڀا??تي فوج جي جوانن جو تعداد 7 لک 50 هزار، پيرا ملٽري اهلڪارن جو انگ 5 لک 35 هزار، پوليس اهلڪارن جو انگ هڪ لک 30 هزار، اپيشل پوليس آفيسرن جو انگ 35 هزار جڏهن ته 50 هزار وليج ڊفينس ڪميٽيون آهن، مجموعي طور اهو تعداد 15 لک هڪ هزار بڻجي ٿو.
ڀارت 75 سالن ۾ 4 لک ڪشميري شهيد ڪيا: رپورٽ
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ کی تجزیات