اسلام آباد- 10 نومبر (اي پي پي) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير شازيه مري چيو آهي ته پاڪستان ۾ عورت?? کي بااختيار بڻائڻ اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. آئيس لينڊ ۾ گلوبل فورم ويمن ليڊرشپ کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستا?? کي برساتن سبب وڏي پئماني تي ٻوڏ جي ڪري نقصان ٿيو جيڪو پاڪستان ۾ ان کان پهرين ڪڏهن ناهي ٿيو، ٻ??ڏ سبب 3 ڪروڙ 30 لک (33 ??لي??) ماڻهو بي گهر ٿيا، جيڪو ڪيترن ئ?? ملڪن جي ڪل آبادي کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته متاثر ماڻهن ۾ تقريبن 6 لک 50 هزار ڳورهارين عورت?? کي ويم بابت سهولتن جي ضرورت آهي. شازيه مري چيو ته کيس پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ ڪامياب سماجي تحفظ واري پروگرام بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جو سربراهه هجڻ تي فخر آهي، پاڪستان جا تقريبن 80 لک خاندان بي آءِ ايس پي سان جڙ??ل آهن. اسان انهن خاندان?? کي ڪيش رليف فراهم ڪري رهيا آهيون، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) ذريعي عوام کي غذائيت ۽ تعليم جي ترغيب ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.
پاڪستان کي برساتن سبب وڏي پئماني تي ٻوڏ جي ڪري نقصان ٿيو جيڪو پاڪستان ۾ ان کان پهرين ڪڏهن ناهي ٿيو: وفاقي وزير شازيه مري
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ