نيويارڪ – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ پاڪستاني مشن آرمي پبلڪ اسڪول پشاور دهشتگرد حملي جي 8 هين ورسيءَ ملهائي رهيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ??رجمان پاران جاري بيان موجب گڏيل قومن جي ??هشتگردي جي ??اتمي واري تنظيم جي ”ميموريز“ مهم جي هڪ حصي طور تي جيڪا مئي 2022ع ۾ اسپين جي مالاگا ۾ شروع ڪئي وئي هئي. دهشتگردي جي متاثرين جي گڏيل قومن جي ??المي ڪانگريس هن سال سيپٽمبر ۾ نيويارڪ ۾ گڏيل قومن ۾ منعقد ٿي هئي. ان ڏس ۾ پاڪستان اٺين ورسيءَ جي موقعي تي هڪ تقريب جي ميزباني ڪندو. پاڪستان جو پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪندو. يادگاري تقريب ۾ گڏيل قومن جا ميمبر ملڪ، متاثرين، تعليمي ماهر، سول سوسائٽي جون تنظيمن ۽ قانون لاڳوڪندڙ ادارن جا نمائندا شامل هوندا.
مضمون کا ماخذ : جوگوس ڈی لوٹیریا آن لائن