اسلام ??با?? – 29 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عدالتي سڌ??رن جي بل جي منظوري سان مسلم ليگ (ن) جي قيادت هڪ ڀيرو ٻيهر سرخرو ٿي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف جي 8 هين ترميم جي خاتمي جي حوالي سان قومي اسيمبلي کي تاريخي خطاب جو حوالو ڏنو جنهن ۾ قائد نواز شريف چيو هو ته ”اڄ عملي طور تي ڪري ڏيکاريو آهي ته هر شيءَ جو پنهنجو وقت هوندو آهي ۽ پنهنجي وقت ??ي جيڪڏهن اها شيءَ خو?? اسلوبي سان ٿي وڃي ته اهو ئي بهتر هوندو آهي، غيرضروري گوڙ ڪرڻ ۽ ڪرڻو ڪجهه ناهي، ماضي جون روايتون آهن، اسان کي اُها ڳالهه ڪرڻ گهرجي جنهن تي اسان عمل ڪرڻ جو ارادو رکون ٿا، اهو پاڪستان جو مفاد ۽ پارليامينٽ جي بالادستي آهي، اڄ پارلياماني جمهوريت جو روح زندهه ٿي ويو آهي، جنهن انداز ۾ هي سڄي ڪارروائي ٿي، اهو ان ڪم جي ن??عي?? کان وڌيڪ خو??صورت هو، اسان جي آڏو سدائين هڪ ئي مقصد هوندو“.
عدالتي سڌارن جي بل جي منظوري سان مسلم ليگ (ن) جي قيادت هڪ ڀيرو ٻيهر سرخرو ٿي آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی