اسلام آباد – 08 جولاءِ (اي پي پي) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي پاڪ فوج جي شهيدن جي خاندانن سان ف??ن تي ڳالهه ٻولهه ڪندي سندن خدمتن کي ساراهيو. ايوان صدر ميڊيا ونگ طرفان جاري پ??رائي مطابق صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي 2 جولاءِ تي بلوچستان ۾ شهيد ٿيل ميجر ثاقب باجوه ۽ نائيڪ علي باقر جي وا??ثن سان ف??ن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن 20 جون تي اتر وزيرستان ۾ شهيد ٿيل سپاهي گل رئوف جي وا??ثن سان پڻ افسوس جو اظهار ڪيو. صدر مملڪت شهيدن ۽ سن??ن جي خاندانن جي حب الوطني جي جذبي کي سلام پيش ڪيو ۽ قوم طرفان شهيدن ۽ سندن خاندانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر مملڪت شهيدن جي فرض سان لگن ۽ وطن لاءِ قرباني جو پڻ اعتراف ڪيو. هن شهيدن لاءِ درجن جي بلندي ۽ وا??ثن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک واریر شہزادی