اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي)ريلوي واري نگران وفاقي وزير ڪيپٽن (ر) شاهد اشرف تارڙ ريلوي واري وزارت جي چارج سنڀالي ورتي ??هي. ريلوي واري وزارت جي آفيسرن نگران وفاقي وزير جي آجيان ڪئي. وفاقي وزير ريلوي واري وزارت جو دورو ڪيو ۽ آفيسرن سان ملاقات ڪئي. ريلوي واري وفا??ي سيڪريٽري سيد مظهر علي شاهه ريلوي جي انتظامي ۽ آپريشنل معاملن تي ??ريفنگ ڏني. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته مسافرن جو تحفظ اولين ترجيح آهي، ٽرين آپريشن سڀني لاءِ خوشگوار ۽ محفوظ هجڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ وزارت ۽ ان سان جڙيل سمورن کاتن کي مسافرن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ ??اءِ فوري قدم کڻڻ گهرجن. سمورا کاتا فوري طور تي ??فاظت بابت آڊٽ ۽ اسيسمنٽ ڪن ۽ رپورٽ 7 ڏينهن اندر پيش ڪئي وڃي. نگران وفاقي وزير چيو ته ايم ايل ون پاڪستان لاءِ هڪ اهم ۽ اسٽريجڪ منصوبو آهي، ريلوي جي آمدني کي بهتر بڻائڻ اسان جي اولين ترجيح آهي.
ريلوي واري نگران وفاقي وزير ڪيپٽن (ر) شاهد اشرف تارڙ چارج سنڀالي ورتي
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena