تاشقند – 08 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ ازبڪس??ان جي صدر شوڪت مرزيوئيف ازبڪس??ان – افغانس??ان – پاڪس??ان ريلوي منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ ج?? عزم جو ورجاءُ ڪ??و آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب اقتصادي تعاون تنظيم جي 16 هين سربراهي اجلاس جي موقعي تي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جمهوريه ازبڪس??ان جي صدر شوڪت مرزيوئيف سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم سربراهي اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي ازبڪ صدر کي مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن سياسي، واپاري، اقتصادي، سلامتي، دفاع ۽ رابطن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻطرفي تعاون جي وڌندڙ سطح تي اطمينان جو اظهار ڪندي نگران وزيراعظم ان رفتار کي برقرار رکڻ ج?? اهميت تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ترجيحي واپاري معاهدي (پي ٽي اي) ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ (يو پي ٽي ٽي اي) جي فعال ٿيڻ سان اقتصادي تعاون تنظيم واپاري معاهدي (ايڪوٽا) کي هموار ڪرڻ کانسواءِ ٻطرفي واپار ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ کي فروغ ملندو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي اقتصادي انضمام کي فروغ ڏيڻ ج?? لاءِ اسٽريٽجڪ حصيداري ??ي معاهدي کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏيڻ ج?? عزم جو ورجاءُ ڪ??و ۽ علائقائي رابطن جي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪرڻ ج?? پنهنجي عزم کي ورجايو. هنن ازبڪس??ان – افغانس??ان – پاڪس??ان ريلوي منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ ج?? عزم جو پڻ ورجاءُ ڪ??و. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ صدر مرزيوئيف غزه ۾ جاري ??نساني بحران ۽ ٻي علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيال جي ڏي وٺ ڪئي.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ ازبڪستان جي صدر پاران ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان ريلوي منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : اٹلانٹس کا بادشاہ