اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزي?? مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ??ه هاڪي فيڊريشن جي اڳوڻي صدر جو معاملو عد??لت اڪلائي ڇڏيو آهي، پي ايڇ اي?? جي نئين چونڊن جي لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، اميد آهي ??ه جلد چونڊون ڪرايون وينديون. سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران سينيٽر مشتاق احمد جي سوال جي جواب ۾ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزي?? مرتضيٰ سولنگي چيو ته هاڪي فيڊريشن جو صدر چار سالن جي لاءِ مقرر ڪيو ??ڃي ٿو، برگيڊيئر (ر) محمد خالد سجاد کوکر قانون موجب ٻه ڀيرا ئي صدر بڻجي سگهيو پئي، ان جا اهي ٻئي دور مڪمل ٿي چڪا آهن، ان لاءِ حڪومت کيس عهدي تان هٽايو ته هن عد??لت سان رجوع ڪيو ته عد??لت به ان جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، حڪومت هاڪي فيڊريشن جي ٻيهر چونڊن جي لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل