اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (وچ اوڀر) رضوان سعيد شيخ مصر جي دوري جي موقعي تي گذريل ڏينهن مصر جي ايشيا بابت معاون پرڏيهي وزير احمد شاهين سان م??اق??ت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب م??اق??ت ۾ مصر ۾ پاڪس??ان جو سفير ساجد بلال پڻ موجود هو. ??ري?? سياسي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن سميت ٻطرفن لاڳاپن جي وسيع معاملن جو جائزو ورتو. هن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي طريقن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ گڏيل وزارتي ڪميشن جي ايندڙ دور جي اجلاس ۽ هن سال جي آخر ۾ اسلام آباد ۾ سالياني ٻطرفي مشاورت منعقد ڪرڻ شامل آهي. ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري ۽ ايشيا بابت معاون پرڏيهي وزير 9 کان 11 جنوري تي قاهره ۾ منعقد ٿيندڙ چوٿين پاڪس??ان – آفريقا واپاري ترقي ڪانفرنس ۽ سنگل ڪنٽري نمائش جي ڪامياب انعقاد کي ساراهيو جيڪا سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين س??لگ??هه جي موقعي تي منعقد ٿي. هن پاڪس??ان ۽ مصر جي وچ ۾ گڏيل فائديمند تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.
ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (وچ اوڀر) رضوان سعيد شيخ جي مصر جي ايشيا بابت معاون پرڏيهي وزير احمد شاهين سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش