اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وف??قي وزير عطاءُ الله تار?? قومي ورثي ۽ ثقافت ڊويزن جي چارج سنڀالي ورتي. قومي ورثي ۽ ثقافت واري ڊويزن اچڻ جي موقعي تي قومي ورثي ۽ ثقافت واري وف??قي سيڪريٽري ۽ ٻين اعليٰ عملدارن وف??قي وزير عطاءُ الله تارڙ جو استقبال ڪيو. قومي ورثي ۽ ثقافت واري ڊويزن جي سيڪريٽري وف??قي وزير کي قومي ورثي ۽ ثقافت واري ڊويزن جي معاملن بابت بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ڳالهائيندي وف??قي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته پاڪستان جي قومي ورثي ۽ ثقافت واري ڊويزن جي ذميواري منهنجي لاءِ اعزاز ۽ اهم چئلينج آهي ۽ مون کي فخر آهي ته پاڪستان جي قومي ۽ عالمي سطح تي خدمت ڪرڻ جو موقعو مليو. هن چيو ته پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي جنهن جي تاريخ ۽ ثقافت انتهائي سگهاري آهي، ثقافت اسان جي قومي سڃاڻپ جو اهم جز آهي. هن چيو ته پاڪستان مضبوط ثقافتي ورثن سان ڳنڍيل آهي. وف??قي وزير چيو ته پاڪستان جي ثقافتي سڃاڻپ کي عالمي سطح تي فروغ ڏينداسين. هن چيو ته اسان جي ثقافت جي اهم سُڃاڻپ ڊرامو ۽ موسيقي آهي جيڪي سڄ?? دنيا ۾ پنهنجي خوبصورتي ۽ جذبن جي لاءِ سڃاتا وڃن ٿا. هن چيو ته پاڪستان جي ثقافت، موسيقي ۽ ڊرامي جي ذريعي ملڪ جو مثبت اميج سڄ?? دنيا ۾ اجاگر ڪيو ويندو. وف??قي وزير چيو ته ملڪ ۾ ثقافت ۽ فنڪار برادري ج?? بهتري ۽ ترقي جي لاءِ ڪم ڪنداسين. هن ثقافتي شعبي جي سمورين ڌرين بشمول فنڪارن، ثقافتي ادارن ۽ عوام سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته اسان کي پاڪستان جي ثقافتي ورثي کي ايندڙ نسلن جي لاءِ محفوظ بڻائڻو پوندو. ان موقعي تي اطلاعات واري وف??قي سيڪريٽري شاهيره شاهد ۽ پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن پڻ موجود هئا.
عطاءُ الله تارڙ قومي ورثي ۽ ثقافت ڊويزن جي چارج سنڀالي ورتي
مضمون کا ماخذ : Loteria Instantânea