اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي 29 ۽ 30 آگسٽ تي ڪيمرون جي شهر يائونڊي ۾ منعقد ٿيندڙ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 50 هين اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏيهي سيڪريٽري پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل کي غزه ۾ جاري نس?? ڪشيءَ ۽ اتان جي سنگين انساني صورتح??ل، خطي ۾ اسرائيل جي مهم جو??ي جيڪا وچ اوڀر ۾ امن جي لاءِ خطرو آهي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي خودمختياري جي حق بابت پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪندو. پرڏيهي سيڪريٽري امت جي يڪجهتي ۽ اتحاد جي گهرجن، دنيا جي مختلف حصن ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا ۽ زينو فوبيا، موسمياتي تبديلي، دهشتگردي ۽ ٻين ??وج??ده عالمي چئلينجز جي مسئلن تي پڻ روشني وجهندو. ان موقعي تي پرڏيهي سيڪريٽري او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي پنهنجي هم منصبن سان ٻطرفي ڳالهه ٻولهه ڪندو.
پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی دستیابی