رياض – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان مضبوط پاڪ سعودي اق??صادي حصيداري جو ورجاءُ ڪيو ۽ واپار، سيڙپڪاري ۽ اق??صادي تعاون جي دائري ۾ جاري ٻطرفو تعاون وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي، ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ جاري اسرائيلي جارحيت تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو (ايف آءِ آءِ) جي اٺين اجلاس جي موقعي تي سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم خادم حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ سندس صحت ۽ تندرستي جي لاءِ دعا ڪئي. هن عالمي مالياتي ادارن سان لاڳاپيل معاملن تي سعودي عرب جي پاڪستان جي حمايت تي محمد بن سلمان جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم سندس ۽ سندس وف?? جي شاندار مهمان نوازي تي پڻ ولي عهد جا ٿورا مڃيا. فيوچر انويسٽمينٽ ڪانفرنس من??قد ڪرڻ جي حوالي سان سعودي ولي عه?? جي دورانديش قيادت کي ساراهيندي وزيراعظم چيو ته سعودي ويزن 2030ع پاڪستان جي اهم پاليسي مقصدن سان هم آهنگ آهي. ٻنهي اڳواڻن مضبوط پاڪستان سعودي اق??صادي حصيداري جو ورجاءُ ڪيو ۽ واپار، سيڙپڪاري ۽ اق??صادي تعاون جي دائره ڪار ۾ جاري ٻطرفو تعاون وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير جي قيادت ۾ اعليٰ سطح جي سعودي وف?? جي تازي دوري جو ذڪر ڪيو ۽ ان دوري دوران صحيحون ڪيل مفاهمت جي يادداشتن (ايم او يوز) جي بنياد تي هڪ پاڪ سعودي معاشي حصيداري جو خلاصو ڪيو. ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ جاري اسرائيلي جارحيت تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ بي پناهه تباهي ٿي آهي. سعودي عرب ۽ پاڪستان جي وچ ۾ گڏيل مذهبي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن جي??ي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن ۽ وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي وچ ۾ ٿيندڙ اها ملاقات ان ڳالهه جي عڪاس آهي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان پاران مضبوط پاڪ سعودي اقتصادي حصيداري جو ورجاءُ، واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي تعاون جي دائري ۾ جاري ٻطرفو تعاون وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث