اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي)انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه سان انوويسٽا پرائيويٽ لميٽيڊ (ٽي ٽي ڪمپني) جي وفد جي سي اي او هشام سرور جي اڳواڻي ۾ سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. آءِ ٽي واري وزارت ط??فان جاري بيان موجب ملاقات ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺرائڻ ۽ نوجوانن کي آءِ ٽي جي مهارتن سان ڳنڍڻ بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفد مملڪتي وزير کي انوويسٽا ڪمپني جي ورڪنگ ۽ مقصدن بابت بريف ڪيو. هن مملڪتي وزير شزه فاطمه کي آگاهه ڪيو ته انوويسٽا پرائيويٽ لميٽيڊ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جو هڪ قدم آهي جيڪو وڏي پئماني تي آءِ ٽي اسڪلز ڊولپمينٽ پروگرامن، ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏيڻ، سيڙپڪاري جي سهولت ۽ انوويشن ذريعي قومي آءِ ٽي سيڪٽر ?? پنهنجو حصو وجهي رهي آهي. وفد چيو ته انوويسٽا ملڪ جي ن??جوانن کي آءِ ٽي جي مهارتن سان ڳنڍڻ ۽ انهن جي ترقي لاءِ تربيت?? پروگرام شروع ڪرڻ چاهي ٿو. مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه انوويسٽا جي آءِ ٽي جي ميدان ۾ ڪم ڪرڻ ۽ مستقبل جي ??نص??بن کي ساراهيو. هن چيو ته حڪومت ملڪ جي ن??جوانن کي جديد ترين ڊجيٽل مهارت سان ڳنڍڻ لاءِ پرعزم آهي ته جيئن اهي بهتر روزگار حاصل ڪري سگهن. هن چيو ته اهو تمام ضروري آهي ته سموري ٽريننگ جي نتيجي ۾ تربيت يافته ماڻهن کي مارڪيٽ ۾ آساني سان روزگار حاصل ڪرڻ جي قابل بڻائي سگهجي. هن چيو ته آءِ ٽي واري وزارت ملڪ جي ن??جوانن کي آءِ ٽي جي مهارت سان ڳنڍڻ جي ڪوششن ۾ انوويسٽا کي مڪمل سپورٽ فراهم ڪندي.
حڪومت نوجوانن کي جديد ڊجيٽل مهارتن سان ليس ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي: شزه فاطمه خواجه
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی