اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آذر??ائ??جان جي صدر الهام عليوف سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ جهاز جي افسوسناڪ حادثي تي ساڻس تعزيت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ??ڄ ??ام آذر??ائ??جان جي صدر الهام عليوف سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ 25 ڊسمبر 2024ع تي اذال ايئرلائين جي افسوسناڪ حادثي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي آذر??ائ??جان جي عوام سان دلي تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پوري پاڪستاني قوم آذر??ائ??جان جي ڀائر عوام جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي ۽ سوڳوار خاندانن ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي لاءِ الله تعاليٰ کان دعاڳو آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته آذر??ائ??جان جي ڀائر عوام صبر ۽ استقامت سان ان سانحي کي منهن ڏيندي. ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ شاندار ٻطرفن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم صدر عليوف کي يقين ڏياريو ته پاڪستان هن مشڪل وقت ۾ آذر??ائ??جان کي گهربل هر تعاون فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. صدر عليوف افسوسناڪ واقعي جي ڏس ۾ حمايت ۽ يڪجهتي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته وزيراعظم جو ان موقعي تي آذر??ائ??جان سان گڏ بيهڻ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي پا??يدار رشتي جو عڪاس آهي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ آذر??ائ??جان جي وچ ۾ دوستي جي مضبوط رشتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان کان اڳ وزيراعظم اسلام آباد ۾ آذر??ائ??جان جي سفارتخاني جو دورو پڻ ڪيو ۽ گذريل ڏينهن جهاز حادثي جي حوالي سان تعزيتي ڪتاب تي پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جو آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ٽيليفونڪ رابطو، جهاز حادثي تي تعزيت
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی موبائل ایپ