اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بينظير ڀ??و شهيد جمهوريت جي علمبردار، مڪالمي ۽ مفاهمت جي مضبوط حامي ۽ استقامت جي علامت هئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀ??و جي 17هين شهادت جي ڏهاڙي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ اسان بينظير ڀ??و جي شهادت جي 17هين ورسيءَ ملهائي رهيا آهيون. جمهوريت جي علمبردار ۽ سياسي عمل ۾ مڪالمي ۽ مفاهمت جي مضبوط حامي، بينظير ڀ??و همت ۽ استقامت جي علامت بڻي. هن چيو ته ميثاق جمهوريت جنهن تي بينظير ڀٽو ?? ميان نواز شريف جي وچ ۾ صحيحون ٿ??ون، اهو سندس پائيدار سياسي ڏاهپ جو ثبوت آهي. وزيراعظم چيو ته سندس خاندان، خاص طور تي صدر آصف علي زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سندس پيروڪارن کي دل جي گهراين سان خراج تحسين پيش ڪريان ٿ??، جيڪي فخر سان سندس ويزن ۽ سندس نظرين کي اڳتي وڌائي رهيا آهن.
بينظير ڀٽو شهيد جمهوريت جي علمبردار، مڪالمي ۽ مفاهمت جي مضبوط حامي ۽ استقامت جي علامت هئي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری نمبر کا انتخاب