بيجنگ – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪمبوڊيا جو وزيراعظم هون مانيت 14 سيپٽمبر تي ??ين جو ٽن ڏينهن وارو سرڪاري دورو ڪندو. فرانسيسي خابرو اداري موجب ??ين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان سومر ڏينهن معمول واري بريفنگ دوران ٻڌايو ته چيني وزيراعظم لي قيانگ جي دعوت تي سندس ڪمبوڊين هم منصب 14 کان 16 سيپٽمبر تائين ??ين جو سرڪاري دورو ڪندو. دوري دوران ڪمبوڊيا جو وزيراعظم چيني صدر ۽ پنهنجي چيني هم منصب سان ملاقاتون ڪندو. ترجمان چيو ته اهو دورو ڪمبوڊيا جي نئين حڪومت طرفان چين- ڪمبوڊيا لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جي اهميت ظاهر ڪري ٿو.
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج