واشنگٽن- 23 جون (اي پي پي) آمريڪا ۾ چيني سفارتخاني چيو آهي ته چين آمريڪي صدر جو??ائ??ڊن جي ان بيان جو فيصلائتو جواب ڏيندو جنهن ۾ هن چيني صدر شي جن پنگ کي آمر قرار ڏنو هو. روسي خابرو اداري موجب چيني سفارتخاني گذريل ڏينهن بيان ۾ چيو ته چين جي حڪومت ۽ عوام ملڪ جي سپ??يم ليڊر خلاف ڪنهن به قسم جي سياسي اش??عا?? انگيز کي برداشت نه ڪندو ۽ ان کي فيصلائتو جواب ڏيندا. بيان ۾ آمريڪا کان مطالبو ڪيوويو ته هو آمريڪي صدر جو??ائ??ڊن جي لفظن جي ناڪاري نتيجن کي منهن ڏيڻ لاءِ فوري ۽ سنجيده قدم کڻي ۽ پنهنجا واعدا پورا ڪري نه ته ٻي صورت ۾ ان کي نتيجا ڀوڳڻا پوندا. چيني سفارتڪارن موجب آمريڪا ۾ چين جي سفير زي فينگ اربع ڏينهن وائيٽ ها??وس ۽ پرڏيهي کاتي جي اعليٰ عهديدارن سان صدر جو??ائ??ڊن جي بيان تي شديد احتجاج ڪيو. بيان ۾ چيو ويو ته آمريڪي صدر جي چيني صدر بابت توهين آميز رمارڪس غلط، غيرذميواراڻا آهن ۽ اها کليل سياسي اش??عا?? انگيزي آهي. سفارتخاني چيو ته چين واضح طور تي ان کي رد ۽ ان جي سختي سان مخالفت ڪري ٿو، بيان ۾ چيو ويو ته آمريڪا طرفان چيني صدر جي باري ۾ الزام لڳائڻ بنيادي حقيقتن کان سنگين طور تي ابتڙ سفارتي ادبن ۽ چين جي سياسي وقار جي ڀڃڪڙي، آمريڪا طرفان ڪيل واعدن جي خلاف آهي ۽ گڏيل اعتماد کي خطري ۾ وجهي ٿو.
جوبائيڊن جي صدر شي جن پنگ بابت بيان جو فيصلائتو جواب ڏنو ويندو: چيني سفارتخانو
مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس