لنڊن- 31 جنوري (اي پي پي) برطانيه ۾ ذهني صحت جي مريضن جي هڪ وڏي تعداد الزام لڳايو آ???? ته انهن جي ع??اج دوران نيشنل هيلٿ سروس جي عمل?? ا??هن کي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو، قومي اسڪينڊل جي حيثيت رکندڙ ان بيان ملڪ کي لوڏي ڇڏيو آ??ي. گڏيل جاچ ڪميٽي ذريع?? ا??ا ڳالهه سامهون ائي آه?? ته ذهني صحت جي 30 کان وڌيڪ ادارن ۾ 2019ع کان وٺي هن وقت تائين ملازمن طرفان مريضن کي جنسي حملن جو نشانو بڻائڻ جون اٽڪل 20 هزار شڪايتون مليون آهن، جاچ مان اهو نتيجو ڪڍيو ويو آ???? ته اين ايڇ ايس ٽرسٽ اڪثر واقعن کي پوليس وٽ رپورٽ ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو ۽ برطانيه ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪمزور مريضن کي جنسي ڏاڍائي کان بچائڻ لاءِ جوڙيل اهم معيارن تي پورو نه لٿو آ??ي. 18 مهينن جي تحقيقات ۾ مريضن ۽ انهن جي ڪٽنبن ذهني صحت جي مريضن لاءِ مخصوص ڪيل يونٽن ۾ رهندڙ مريضن پاڻ سان ٿيل جنسي ڏاڍاين جا واقعا ٻ??ايا.صحت کاتي جي ترجمان چيو آ???? ته جنسي تشدد ناقابل قبول آهي ۽ اين ايڇ ايس تنظيمن جي ذميواري آه?? ته هو عملي ۽ مريضن کي هڪجهڙو تحفظ فراهم ڪن. ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ اين ايڇ ايس سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون، ته ذهني صحت جي ادارن ۾ ع??اج ڪرائيندڙن مريضن کي محفوظ ۽ اعليٰ معيار جي سارسنڀال فراهم ڪري سگهجي.
نيشنل هيلٿ سروس لنڊن ۾ ذهني طور تي بيمار ماڻهن تي 20 هزار جنسي حملن جو انڪشاف
مضمون کا ماخذ : jogos de azar no Brasil