روم – 03 آڪٽوبر (اي پي پي) جي سي??ن ملڪن جي اڳواڻن وچ اوڀر جي امن امان جي صورتحال تي ڳڻتي جو ??ظهار ڪندي تڪرار جي سفارتي ح?? لاءِ زور ڀريو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق اسرائيل تي ايران جي حملي کان پوءِ سڏايل جي سي??ن ملڪن جي اڳواڻن جو ??جلاس اٽلي جي وزيراعظم جيوجيا ميلوني جي ميزباني ۾ ٿيو. گروپ سي??ن طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته مسئلي جو ??فارتي حل اڃان به ??مڪ?? آهي ۽ تڪرار ڪنهن جي به مفاد ۾ نه هوندو. گروپ – 7 جي خيال ۾ ان سان علائقي ۾ جنگي خطرو ۽ خوف وڌي ويو آهي. اٽلي طرفان جاري بيان مطابق سمورن اڳواڻن ايراني ميزائل حملي جي مذمت ڪئي آهي. اسرائيل تي هن وقت تائين جو ??هو ايران جو ??ڀ کان وڏو حملو هو. گروپ اڳواڻن جنگي خطرو گهٽائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي زور ڀريو آهي. گروپ -07 غزه جي سلسلي ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءُ 2735 تحت مرحليوار جنگ بندي ۽ لبنان اسرائيل سرحدي امن لاءِ ٺهراءُ 1701 جنهن کي 2006ع ۾ منظور ڪيو ويو هو موجب ئي اڳتي وڌڻ ۽ عمل ۾ آڻڻ جو چيو آهي. ياد رهي ته گروپ جي سي??ن ملڪن ۾ آمريڪا، ڪئناڊا، برطانيا، فرانس، جرمني، جاپان ۽ اٽلي شامل آهن. گروپ سي??ن جي اجلاس جي صدارت هن وقت اٽلي وٽ آهي.
جنگ ڪنهن جي مفاد ۾ ناهي، وچ اوڀر جو تڪرار سفارتڪاري سان حل ڪيو وڃي: جي سيون ملڪ
مضمون کا ماخذ : جیتنے والی لاٹری