اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان جو قيام هڪ جمهوري جدوجهد جي نتيجي ۾ عمل ۾ آيو، ان جي بقاءُ ۽ ترقي به جمهوريت ئي س??ن لاڳاپيل آهي، مون کي يقين آهي ته پارليامينٽ، عوا?? ۽ ??مورا ادارا ان مقصد جي لاءِ هم آهنگي سان ڪم ڪندا، هن اها ڳالهه يوم پاڪستان جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي. صدر يوم پاڪستان جي پرُمسرت موقعي تي پوري قوم کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته هي ڏينهن هر سال اسان کي ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي انهن نظرين، اصولن، پاڪ مقصدن ۽ اتحاد جي ياد ڏياري ٿو جنهن جي ڪري هو پنهنجي خواب جي تعبير ۾ ڪامياب ٿيا. هن چيو ته 77 سال اڳ اڄوڪي ڏينهن ننڍي کنڊ جي مسلمانن پنهنجي تهذيب، روايتن ۽ ثقافتي قدرن جي مطابق زندگي گذار?? جي لاءِ هڪ ڌار ملڪ حاصل ڪر?? جي اڻٽر عزم جو اظهار ڪيو.
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت