اسلام آباد – 02 نومبر (اي پي پي) وز??راعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت پنهنجا واعدا پورا ڪيا آهن ۽ گذريل حڪومتن کان و??ثي ۾ ملندڙ توانائي جي بحران تي موثر انداز ?? ضابطو آندو آهي، هر قسم جي صارفين جي لاءِ گئس جي لوڊشيڊنگ ماضي جو قصو آهي جڏهن ته بجلي جي لوڊشيڊنگ به جلد ختم ٿي ويندي. هن اها ڳالهه پاڪستان آئل اينڊ گئس ڪانفرنس 2017ع جي افتتاحي ويهڪ کي خطاب ڪندي چئي. وز??راعظم جيڪو ان کان اڳ چار سالن تائين پيٽروليم وارو وز??ر به رهيو هن تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته موجوده حڪومت درپيش ??سئ??ن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پائيدار حل پيش ڪري رهي آهي.
مضمون کا ماخذ : como apostar na mega sena