اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آ??ي ته پاڪستان پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آ??ي، ڀارت جي به ذميواري آهي، ڀارت جو وڏو طبقو سمجهي ٿو ته ڀارت کي پنهنجي پاليسي تبديل ڪرڻي پوندي، ڀارتي جارحاڻي پاليسي سان نتيجا حاصل نه ٿيا، ڀارت کي پنهنجي جارحاڻي پاليسي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي، افغانستان ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي واقعي جا تفصيل گڏ ڪري رهيا آهيون، افغانستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو مذمت جوڳو آ??ي، آمريڪا کي جيڪي چئلينجز درپيش آهن ان جي لاءِ پاڪستان اهم ملڪ آهي. هو ملتان ۾ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ??ه وزيراعظم عمران خان قوم کي خطاب ۾ پنهنجي دل جي ڳالهه ڪئي ۽ عوام سندس خطاب کي خوب ساراهيو.
مضمون کا ماخذ : números da sorte loteria