اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته حڪ??مت ۽ مخالف ڌر پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍڻ جي لاءِ قانونسازي ۾ ۽ ڪشمير مسئلي تي هڪ جهڙو موقف اختيار ڪري ذميواراڻو ڪردار ادا ڪيو آهي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته حڪ??مت ۽ مخالف ڌر هن ايوان ۾ ??يف اي ٽي ??يف تي قانونسازي ۽ ڪشمير جي معاملي تي ذميواري جو مظاهرو ڪيو. ??يف اي ٽي ??يف جي گري لسٽ مان نڪرڻ جي لاءِ هي قانونسازي ضروري هئي. گري لسٽ جو تحفو ورثي ۾ مليو. جون 2016ع ۾ پاڪستان گري لسٽ ۾ وڃي چڪو هو جڏهن ته ان مان نڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيو. ڀارت پاڪستان کي بليڪ لسٽ ۾ ڌڪڻ چاهيندو هو. اسان ڀارتي ارادا ناڪام بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون. ??يف اي ٽي ??يف جي اجلاس ۾ پاڪستان پاران اڳڀرائي جو اعتراف ڪيو ويو جڏهن ته وڌيڪ قانونسازي ??يف اي ٽي ??يف جي ضرورت هئي. ان قانونسازي ۾ پاڪستان مسلم ليگ ۽ اپوزيشن جيڪو ڪردار ادا ڪيو، مثبت قدم کنيو اها خوش آئنده ڳالهه آهي. جمهوريت جي ارتقا جي عڪاسي آهي. ڪجهه پارٽيون سياسي مفادن ۽ تنگ نظري کان مٿانهون ٿي ان جو ساٿ ڏين ها ته ان جو نقصان نه ٿئي ها ملڪ کي فائدو ٿئي ها. ڪشمير تڪرار تي ڪا ٻي راءِ نه آهي. سمورين حڪ??متن ڪشمير مسئلي تي هڪ جهڙائي ڏيکاري. سياسي سوچ جدا هجڻ جي باوجود س??نيٽ ۽ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ متفقه قرارداد پيش ڪئي وئي. اهو انهن ڪشميرين جي لاءِ پيغام آهي هو جيڪي اميد ڪن ٿا ته درد ۽ ڪرڀ جي ان صورتحال ۾ پاڪستاني عوام انهن سان گڏ بيٺل هوندي.
حڪومت ۽ مخالف ڌر ذميواراڻو ڪردار ادا ڪيو آهي.: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون