اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ”ڪير بکيو نه سمهي“ موبائيل لنگر جو باضابطا ا??تت??ح ڪري ڇڏيو. شروعاتي طور تي ان پروگرام جي لاءِ راولپنڊي، اسلام آباد کي م??ڊل شهر قرار ڏنو ويو آهي جڏهن ته وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جون کان احساس پروگرام تحت 3 ڪروڙ خاندانن کي سڌوسنئون سبسڊي ڏينداسين، آبادگارن کي ڀاڻ تي سڌوسنئون سبسڊي شروع ڪئي ويندي. وزيراعظم عمران خان احساس پروگرام تحت ”ڪير بکيو نه سمهي“ پروگرام جو ا??تت??ح ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم جي غربت جي خاتمي واري خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ پاڪستان بيت المال جي چيئرمين عنون عباس پروگرام جي حوالي سان وزيراعظم کي بريفنگ ڏني. وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته احساس پروگرام جي ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ سيڪريٽري سميت پوري ٽيم کي آئون مبارڪباد ڏيان ٿو، هنن پناهگاهن کي ڏسي مون کي خوشي ٿئي ٿي ته پورهيت جيڪي پنهنجي گهروارن جي لاءِ محنت ڪن ٿا، اهي پنهنجو پئسو بچائي انهن کي موڪلي سگهندا، اهي م??دور جيڪي سڀ کان مشڪل زندگي گذاري رهيا هوندا آهن انهن جي لاءِ هي پناهگاهون هڪ پناهه آهي، هتي انهن کي عزت سان معياري کاڌو ۽ رهائش ڏني وڃي ٿي. هن عملي کي هدايت ڪئي ته اهي اهڙن ماڻهن سان صحيح طريقي سان پيش اچن، ائين نه ٿئي جو جهڙي طرح معاشري ۾ ڪمزور طبقي بابت سوچ آهي، ائين ئي انهن سان رويو رکيو وڃي بلڪه انهن کي بهتر ماحول ??يو، ان جي م??لسل نگراني ڪئي وڃي، شروع ۾ جڏهن هي پناهگاهون قائم ڪيون ته اتي م??يار هيٺ ويو جڏهن ته هاڻي خوشي آهي ته اهو معيار بهتر ٿي ويو آهي، هتي ڪم ڪندڙ محنت سان پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏئي رهيا آهن. وزيراعظم چ??و ته بدقسمتي آهي جو غريب ماڻهو کي ڏسي اها سوچ اختيار ڪئي وڃي ٿي ته ان کي غيرمعياري کاڌو ڏيڻ سان به ڪو فرق نه ٿو پوي، اسان کي انهن جو خيال ڪرڻو آهي، ڪيترائي علائقا اهڙا آهن جتي م??ڻهو بکيا سمهن ٿا، اسان هڪ فلاحي رياست بڻائڻ جو ذمو کنيو آهي، هي ان طرف پهريون قدم آهي. وزيراعظم چ??و ته جن علائقن ۾ بک وڌيڪ هجي اتي ڌيان ڏيڻو آهي. وزيراعظم چ??و ته اسان هن پروگرام مان تمام گهڻو ڪجهه سکنداسين، هي پروگرام پهريون ڀيرو شروع ڪيو ويو آهي، ان کي م??لسل بهتر بڻائينداسين، ان جو پورو رڪارڊ رکنداسين، ان ۾ مسئلا به ايندا اهي حل ڪنداسين، ان جو دائرو پوري پاڪستان تائين وڌايو ويندو. وزيراعظم چ??و ته پرائيويٽ سيڪٽر ۾ سڀ کان وڌيڪ ماڻهن مون کي عطيو ڏنو آهي، جڏهن انهن کي اعتماد هجي ته هي م??ڻهو الله جي واسطي ڪم ڪري رهيا آهن ته ڪيترائي م??ڻهو ان ۾ شامل ٿيندا، ملڪ ۾ کلي دل وارا ماڻهو آهن جيڪي الله جي خوشنودي جي لاءِ پنهنجو مال خرچ ڪن ٿا.
وزيراعظم عمران خان پاران ”ڪير بکيو نه سمهي“ موبائيل لنگر جو باضابطا افتتاح
مضمون کا ماخذ : loteria آن لائن confiável