اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي و??يرن جي ڪائونسل جو 17 هون غير معمولي اجلاس سڀاڻي آچر تي اسلام آباد ۾ منعقد ٿي رهيو آهي. سعودي عرب بطور چيئر افغانستان جي حوالي سان غير معمولي اجلاس جي تجويز ڏني هئي جڏهن ته پاڪستان ا?? جي آجيان ڪندي سيشن جي مي??با??ي جي آڇ ڪئي هئي، پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب او آءِ سي جي ميمبر ۽ مبصر ملڪن جي پرڏيهي و??يرن کانسواءِ شرڪت ڪندڙن ۾ گڏيل قومن، عالمي مالياتي ادارن ۽ آمريڪا، برطانيه، فرانس، چين، روس، جرمني، اٽلي، جاپان ۽ يورپي يونين جا نمائندا به شامل آهن، افغان عبوري حڪومت به اجلاس ۾ نمائندگي ڪندي، اهو اجلاس افغانستان ۾ بگڙجندڙ انساني صورتحال جي پس منظر ۾ گهرائي و??ي آهي، افغان عوام سان يڪجهتي جي اظهار کانسواءِ پرڏيهي و??يرن جي ڪائونسل مان ا??يد آهي ته هو افغانستان ۾ تيزي سان بگڙجندڙ انساني صورتحال، خاص خوراڪ جي کوٽ جي حوالي تي قابو پائڻ، ماڻهن جي لڏپلاڻ ۽ امڪاني معاشي تباهي روڪڻ لاءِ قدم کنيا ويا، ترجمان چيو ته پاڪستان ا?? ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته افغانستان سان عالمي ب??ادري جا مسلسل رابطا اڻٽر آهن، غير معمولي اجلاس جي مي??با??ي افغان عوام جي حمايت کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن جو مظهر آهي، غير معمولي اجلاس افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ۽ افغان عوام جي مسلسل ڀلائي ۽ بهتري لاءِ پاڪستان جي مستقل عزم ۽ مسلسل ڪوششن جي عڪاسي ڪري ٿو، اجلاس افغان عوام جي انساني ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد لاءِ عملي ۽ ٺوس قدمن تي غور ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندو.
اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو 17 هون غير معمولي اجلاس آچر تي ٿيندو
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز