اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ??خالف ڌر جي نمبرن جي حوالي سان ڪيل دعويٰ حقيقت تي ٻڌل نه آهي. ملڪي ??ياسي صورتحال جي حوالي سان هڪ بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته جيڪڏهن مخالف ڌر جي دعويٰ حقيقي هجي ها ته کيس ايتري جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت پيش نه اچي ها، شاهه محمود قريشي چيو ته اسان جو اتحادين سان ساڍا ٽن سالن جو تعلق ۽ رابطو آهي، اسان سان ملڪ کي سنوارڻ لاءِ گڏيل ڪوششن ۾ شامل رهيا آهن. اتحادين سان اسان جي رابطن ۾ هڪ تسلسل آهي جڏهن ته ??خالف ڌر ان جي رس??ي ۾ رڪاوٽون بيهاريندي رهندي آهي، جڏهن ويڇا وڌيڪ هجن ته زور به وڌيڪ لڳائڻو پوندو آهي. هن چيو ته اڄ جيڪڏهن نون ليگ، ق ليگ کي آڇون ڪري رهي آهي ته ڇا ق ليگ جا دوست نٿا ڄاڻن ته 2018 جي اليڪشنز ۾ هنن ق ليگ جي رس??ي ۾ ڪيتريُون مشڪلاتون پيدا ڪيُون هُيون، ڇا ايم ڪيو ايم جا ماڻهو نٿا ڄاڻن ته ??يپلزپارٽي سنڌ ۾ انهن سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو؟ پيپلزپارٽي پاران آندل بلدياتي قانون جي خلاف اهي سراپا احتجاج هئا ۽ اسان انهن سان رابطي ۾ هئاسين ته ڇا اهو سلوڪ کين ياد نه هوندو؟ ڇا اهي نٿا ڄاڻن ته ??يپلزپارٽي گذريل 15 سالا اقتدار ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ انهن جي ووٽرز سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو؟ شاهه محمود قريشي چيو ته ??قتي ملاقاتن جي بنياد تي صورتحال جو درست تجزيو نٿو ڪري سگهجي، جڏهن اسان صورتحال کي تسلسل جي زاويي سان ڏسون ٿا ته اطمينان ٿيندو آهي.
مخالف ڌر جي نمبرن جي حوالي سان ڪيل دعويٰ حقيقت تي ٻڌل نه آهي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کی پیش گوئی