اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان آسٽريا جي هم منصب اليگزينڊر شلن برگ پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان آسٽريا سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام وڏي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان آسٽريا کي يورپي يون??ن جو اهم ملڪ سمجهي ٿو. شاهه محمود قريشي چيو ته دوري سان ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائن ۾ مدد ملندي. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته تازو ئي وزيراعظم آسٽريا جي چانسلر ڪارل نيهمر سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ٻطرفي لاڳاپن جي مختلف ??خن تي گفتگو ڪئي، هن چيو ته پاڪستان ۽ آسٽريا جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۾ اضافي جا وس??ع امڪان موجود آهن، آسٽريا جي ڪمپن??ن جي لاءِ پاڪستان ۾ قابل تجديد توانائي، سياحت، هائوسنگ، زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شع??ن ۾ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن، سي پيڪ جي خصوصي اقتصادي زونز، آسٽريا جي سيڙپڪارن جي لاءِ پرڪشس مراعتن ۽ ٽيڪس جي چوٽ جي پيش نظر سيڙپڪاري جا پُرڪشش موقعا موجود آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان کي اميد آهي ته آسٽريا هن سال جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي چوٿين ٻه ساله جائزي ۾ پاڪستان جي حمايت جاري رکندو. پاڪستان ۽ آسٽريا جي وچ ۾ ٽيڪنيڪي ۽ پيشيوراڻي شع??ن ۾ مضبوط رابطا موجود آهن.
پرڏيهي وزير سان آسٽريا جي هم منصب جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری