اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب وزيراعظم شهباز شريف جي ٻن ??فت?? جي ڪارڪردگي جو جائزو پيش ??ري ڇڏيو، اٽو، کنڊ ۽ گيهه جي ستايل عوام کي سستي شين جي فراهمي شروع ٿي چڪي آهي، وزيراعظم شهباز شريف کنڊ جي قيمت 85 روپيا کان گهٽ ??ري 70 روپيا، 10 ڪلو اٽي جو ٿيلهي جي قيمت 550 روپين کان گهٽ ??ري 400 روپيا ??ري ڇڏي هئي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته چئن سالن ۾ مهانگائي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچائي وئي هئي جنهن ۾ آهستي آهستي لاٿ اچڻ شروع ٿي وئي آهي، هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ٻن ??فت?? ۾ اهي ڪم ڪيا جيڪي عمران خان چئن سالن ۾ سوچي به نه سگهيو. هن چيو ته وزيراعظم ٻن ??فت?? ۾ بجلي جا بند پيل 27 مان 20 پيداواري يونٽس کي فعال ڪيو، بجلي جا ڪارخانه هلائڻ لاءِ تيل ۽ گئس جي فراهمي لاءِ رڪارڊ قدم کنيا ويا. هڪ سال جي فني خرابين جي ??ري بند پيل ڪارخانا ??ري بحال ٿيڻ لڳا آهن، هن چيو ته چئن سالن کان بند اسلام آباد ميٽرو جو منصوبو چئن ڏينهن ۾ شروع ڪيو. هن چيو ته نيو اسلام آباد هوائي اڏي کان ميٽرو کي موٽروي ۽ فيض آباد سان جوڙڻ، بهاره ڪهو ۽ روات تائين توسيع ڏيڻ جي فزيبلٽي جي تياري شروع ٿي وئي آهي، هن چيو ته موٽر وي تي ميٽرو جو اسٽيشن بڻائڻ جو قدم کنيو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ديامرڀاشا ڊيم تي ڪم جي رفتار وڌائي، ڊيم کي 2029ع بدران 2026ع ۾ مڪمل ڪرڻ جي نئين ڊيڊ لائين رک??، مقامي آبادي جي لاءِ بهترين ۽ جديد علاج لاءِ اسپتال جي فزيبلٽي تيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو، هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف خضدار ڪچلاڪ شاهراهه کي ٻن کان چائن ڦاڪن ۽ وري ايندڙ مرحلي ۾ ڇهه ڦاڪن واري ڪرڻ لا??ِ سيڪشن هڪ ۽ 2 جو پيڙهه جو پٿر رکيو. ان کانسواءِ وزيراعظم بلوچستان جي نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ لاءِ پاڪستان جي سڀ کان جديد ترين ٽيڪينڪل يونيورسٽي جي منصوبي جو اعلان ڪيو، وزيراعظم شهباز شريف راولپنڊي، اسلام آباد، لاهور، ملتان، ڪراچي وانگر ڪوئيٽا ۾ به ميٽرو سروس جي فزيبلٽي تيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو، وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان جي غريب ترين پنج لک ماڻهن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو.
مريم اورنگزيب پاران وزيراعظم جي ٻن هفتن جي ڪارڪردگي جو جائزو پيش
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر