ڪراچي- 09 جون ( اي پي پي)قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ڊاڪٽر عامر ??ياقت حسين 49 ورهين جي ڄمار ۾ ڪراچيءَ ۾ وفات ڪري ويو. عامر ??ياقت حسين کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي معائني کان پوءَ ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ??امر ??ياقت کي جڏهن اسپتال آندو ويو ته هو فوت ٿي چڪو هو موت جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ جي لاءِ فوتي جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ عامر ??ياقت جي ڊرائيور جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي اباڻي گهر خداداد ڪالوني ۾ هو ان جي ڪمري جو دروازو کڙڪايو پر ڪو به جواب نه مليو جنهن بعد دروازو کولي اندر داخل ٿياسين ته هو بيهوشي جي حالت ۾ بستري تي پيو هو جنهن بعد فورن کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو ، عامر ??ياقت جي ملازم جاويد جو چوڻ آهي ته گذريل رات عامر ??ياقت سيني ۾ سور جي شڪايت ڪئي هئي جنهن تي اسان کيس اسپتال ??لڻ لاءِ چيو پر هن انڪار ڪري ڇڏيو هو ۽ پوءِ ??بح جو سندس ڪمري مان رڙ جو آواز به آيو هو. ڊاڪٽر عامر ??ياقت جي موت جو اطلاع ملڻ تي ايس ايس پي ايسٽ رحيم شيرازي عامر ??ياقت جي گهر پهچي ??هر جو معائنو ڪيو جڏهن ته فرانزڪ عملي سميت ٻين تحقيقاتي ادارن به گهر جو معائنو ڪيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کان پوءِ معاملو ڪليئر ٿي ويندو ۽ موت جو ڪارڻ سامهون اچي ويندو.
قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ڊاڪٽر عامر لياقت حسين ڪراچيءَ ۾ وفات ڪري ويو
مضمون کا ماخذ : پاور بال